جماعت اسلامي پاران پيٽرول جي قيمت ۾ اضافي جي شديد مذمت

جماعت اسلامي پاران پيٽرول جي قيمت ۾ اضافي جي شديد مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پي ڊي ايم حڪومت پاران 16 مهينن ۾ 14هون ڀيرو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر في لٽر20 رپين جو اضافو عوام جو معاشي قتل عام آهي، “ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ” جي دعويدار حڪومت عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پيٽرول بمباري پي ڊي ايم ۾ شامل 14 جماعتي بي حس، ظالم ۽ سفاڪ حڪومت جي چهري تان نقاب لاهي ڦٽي ڪيو آهي، اڳ ۾ ئي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻي ماڻهن جي وات مان ماني ڳڀو به کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عوام آخر ڪيسيتائين آئي ايم ايف جي غلام ظالم حڪمرانن جي عياشين کي پورو ڪرڻ لاءِ قرباني ڏيندي رهندي؟ صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته حڪمران ٽولو ۽ اشرافيه پنهنجي شاهاڻين خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي قانون سازي، ٽيڪسن جي ڀرمار، مهانگائي، ائرپورٽ، بندرگاهون، موٽرويز سميت قومي اثاثن کي تين وال ڪرڻ کان پوءِ “ ليوي” جي نالي تي جگا ٽيڪس لڳائي عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي جڏهن ته ٻي طرف 14 جماعتي حڪمران ٽولو انتهائي بي شرمي سان حڪومتي جماعتن جي ميمبرن لاءِ 46 ارب35 ڪروڙ جاري جڏهن ته پنجاب حڪومت پاران بيوروڪريسي لاءِ 200 نيون لگزري گاڏيون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڪابينه، مشيرن جي لوڌ، ججن، جرنيلن، اعلى سرڪاري عملدارن لاءِ مُفت بجلي، مُفت گيس، مُفت پيٽرول، مُفت عمرو، مُفت حج سميت شاهي پروٽوڪول تي قومي خزاني مان اربين ڊالر خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ انتهائي بي شرمي سان ساڳيا حڪمران سنگدلي ۽ سفاڪيت جون سڀئي حدون پار ڪري هر ٻئي ڏينهن تي بجلي، گيس، پيٽرول، عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام جي وات مان ماني جو گرهه به کسي رهيا آهن. هاڻي ظالم، بي حس ۽ آءِ ايم ايف جي غلام پي ڊي ايم حڪومت کان چڱائي جي ڪابه اُميد رکڻ “ٻٻرن کان ٻير گهرڻ” برابر آهي انڪري عوام کي گهرجي ته اهڙن ظالم حڪمرانن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ ذريعي بدلو وٺي سندن ڪوڙ، ٺڳي ۽ دوکي واري سياست کي هميشه لاءِ دفن ۽ جماعت اسلامي جي صالح، ديانتدار ۽ ڪرپشن کان پاڪ قيادت کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏئي ته جئين ملڪ ترقي ۽ عوام سُک جو ساهه کڻي سگهي. صوبائي امير حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪندي چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو في الفور واپس وٺي ٻي صورت ۾ عوام سان گڏجي ڀرپور احتجاج ڪنداسين.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو