جماعت اسلامي پاران يڪجهتي فلسطين جو ڏهاڙو ملهايو ويو

جماعت اسلامي پاران يڪجهتي فلسطين جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي جمعي تي ڪراچي کان ڪشمور تائين مظلوم فلسطيني مسلمانن سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي مذمت جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويو، نماز جمعه ۾ عالم سڳورن خطبات ۾ اسرائيلي دهشتگردي جي مذمت جڏهن ته مسجدن جي ٻاهر پبلڪ مقامات تي وڏا مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ اسرائيلي وحشت، مسجداقصى مٿان حملي جي خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي وئي. احتجاجي مظاهرن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻن خطاب ڪيو، مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، محمد حسين محنتي، حافظ نعيم الرحمان ڪراچي، ممتاز حسين سهتو هالا، ڪاشف سعيد شيخ لاڙڪاڻو، آفتاب ملڪ ٽنڊوباگو، سيد علي مردان شاه بدين، حاجي ديدار لاشاري جيڪب آباد ۾ مظاهرن کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي خلاف جُرت منداڻو موقف اختيار ڪرڻ کان بنا قبله اول جي آزادي ناممڪن آهي، مسجد اقصى جي آزادي اسان جي ايمان جو مسئلو آهي. مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو ڪراچي ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته مسجداقصى تي گذريل هڪ هفتي کان دهشتگرد يهودي فوج هٿان نمازين تي بدترين تشدد، گرفتاريون ۽ مسجد جي بندش بي حرمتي ۽ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، هڪ مهيني ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ معصوم فلسطيني ٻارن،عورتن ۽ جوانن کي قتل ڪيو ويو آهي، پر عالمي قوتون، انساني حقن جون تنظيمون ان سڄي معاملي تي مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آهن جيڪو انهن جي ٻٽي معيار جي عڪاسي ڪري ٿو. فلسطين جي مظلوم عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي، سندن گهرن کي بمن سان اڏايو پيو وڃي، او آءِ سي عالمي ڪانفرنس گهرائي مسجد اقصى جي معاملي تي اسرائيلي حملن خلاف واضح موقف جو اعلان ڪري. بيت المقدس ۾ انساني حقن جي شديد خلاف ورزين اُتي رهندڙ فلسطيني عوام کي جيئڻ جي حق کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي لال مسجد ۾ خطاب ڪندي چيو ته گذريل 74 سالن کان فلسطين ۾ مظلوم مسلمانن کي ٽارگٽ بڻائي شهيد، سندن گهرن کي ڊاهڻ ۽ زمينن تي قبضي جو سلسلو جاري آهي، پر سلام پيش آهي فلسطين جي مجاهدن کي جيڪي اڄ به ناجائز يهودي رياست جي دهشتگردي سامهون ڄمي بيٺل آهن ۽ انهن جو اهو عزم آهي ته هوءَ فلسطين جي پاڪ ڌرتي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به وهائڻ لاءِ تيار آهن. پاڪستان جي مسلمانن تي فرض آهي ته هوءَ پنهنجي گهرن کان نڪرن ۽ قبله اول جي آزادي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو هالا ۾ رٿيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطيني مجاهدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي گذريل مني صدي کان ظالم اسرائيلي دهشتگرد فوج خلاف قبله اول جي آزادي لاءِ جنگ جوٽيون بيٺا آهن ۽ ان سلسلي ۾ عظيم قربانيون پيش ڪري رهيا آهن، هن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به فلسطين جي ڌرتي تي ڪربلا برپا ڪيو ويو آهي، پر عالمي ضمير، عالمي ميڊيا، عالمي انساني حقن جون سڀئي تنظيمون خاموش تماشائي بڻيل آهن، مجاهدن جي آزادي واري جذبي جي بدولت ان شاءَ الله هڪ ڏينهن فلسطين ضرور آزاد ٿيندو. جماعت اسلامي لاڙڪاڻه پاران فاران ڪلب تي فلسطيني مظلوم مسلمانن سان يڪجهتي لاءِ مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي ناجائز رياست دهشتگرد ۽ عالم انسانيت لاءِ وڏو خطرو آهي، گذريل 74 سالن کان مظلوم فسلطيني عوام جو رت وهايو پيو وڃي، مسجدون شهيد، گهرن مسمار، ٻارن جو قتل عام جاري آهي، پر دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، قبله اول جي آزادي اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پياري آهي جنهن لاءِ پاڪستاني عوام ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽندي، حڪمران فلسطيني عوام جي آزادي لاءِ عالمي فورمز تي ڀرپور آواز اُٿارين. هوڏانهن صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ملڪ آفتاب ٽنڊوباگو، سيد علي مردان شاه بدين، حاني نورالاهي مغل، رفيق چوهاڻ ميرپورخاص، حاجي ديدار لاشاري بدين، خليل کوکر ڪنري ۾ رٿيل مظاهرن کي خطاب ڪندي چيو ته هٿين خالي نمازين تي فائرنگ ۽ شيلنگ بدترين دهشتگردي آهي، عالمي دهشتگرد رياست اسرائيل پاران قبله اول جي بي حرمتي تي دنيا جي خاموشي شرمناڪ آهي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي قوتن کي اسرائيلي درندگي نظر ڪونه ٿي اچي، مسجد اقصى جي بي حرمتي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جون دليون غمگين آهن.۔#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو