ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ميئر ڪراچي جي چونڊ بابت جماعت اسلامي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي جي ميئر جي سڌي چونڊ بابت قانونسازي خلاف جماعت اسلامي ڪراچي جي امير ۽ ميئر جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.سنڌ هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته ميئر جي چونڊ جو شيڊول ٻڌڻي سان متاثر نه ٿيندو.سپريم ڪورٽ جماعت اسلامي جي درخواست جي ٻڌڻي 22 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










