جلد اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو سمجھ کان ٻاهر آهي: پي ٽي آءِ وڪيل

جلد اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو سمجھ کان ٻاهر آهي: پي ٽي آءِ وڪيل

اسلام آباد (بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو جلد چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو سمجھ کان ٻاهر آهي.اهڙو اظهار پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ اڄ ان اهم معاملي جي ٻڌڻي ڪندي، پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر تڪراري شخص آهي.فيصل چوڌري جو چوڻ آهي ته پهرين اليڪشن غلط هئي ته پوءِ ٻيو رائونڊ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي غير قانوني فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ جي وڪيل وڌيڪ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪيترائي ابهام آهن.هن چيو ته حمزه شهباز کي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ گهرجي ها، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي جا حق کسيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو