ملتان (ويب ڊيسڪ)ملتان جي جلال پور پير والا تحصيل ۾ وڻن جو سهارو وٺي مدد جي انتظار ۾ ٻوڏ متاثرين جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص 5-6 سالن جي ڇوڪري کي پاڻي ۾ کڻي بيٺل آھي، ريسڪيو ٽيمن ڇوڪري ۽ ٻن ماڻهن کي بچايو، ريسڪيو اهلڪار سان ڳالهائيندي متاثر چيو ته جڏهن اهي فون ڪندا آهن ته ڪو به نه ايندو آهي، جنهن تي ريسڪيو اهلڪار جواب ڏنو ته اسان ڪيترائي چڪر لڳايا آهن، ماڻهو ٻاهر ڇو نه ٿا اچن. متاثر چيو ته منهنجي سئوٽ وڻ تي هئي، هوءَ هاڻي اتي ناهي، جنهن تي ريسڪيو اهلڪار چيو ته اهي هن کي به ڳولي رهيا آهن.










