ملتان (ويب ڊيسڪ) سکرملتان موٽر وي، جنهن کي ايم فائيو به چيو ويندو آهي تنهن جو هڪ ٻيو حصو به جلال پور پير والا وٽان ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو آهي. ويو,چيف پوليس آفيسر ملتان موجب، ايم 5 موٽر وي جو اوڀر وارو حصو هڪ شگاف سبب ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ وهي ويو.سي پي او ملتان چيو ته اڳ ۾ ايم 5 جو اولهه وارو حصو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو هو، موٽر وي پوليس ۽ اين ايڇ اي جا اهلڪار مشينري سان گڏ موقعي تي موجود آهن.هن چيو ته ستلج درياءَ جو پاڻي موٽر وي تي تيز وهڪري سان چناب درياءَ ڏانهن وهي رهيو آهي، پاڻي جي وهڪري کي گهٽائڻ لاءِ لڳل کنڊ ۾ پٿر وجهي رهيا آهن، ملتان کان جهانگڙا تائين موٽر وي 8 هين ڏينهن به بند آهي.موٽر وي پوليس جي ترجمان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ايم 5 موٽر وي ٻوڏ جي ڪري بند آهي، ملتان کان سکر ويندڙ ماڻهو متبادل رستي يعني نيشنل هاءِ وي ذريعي سفر ڪري سگهن ٿا.موٽر وي پوليس موجب، ٽرئفڪ شاهه شمس انٽرچينج کان نيشنل هاءِ وي ڏانهن منتقل ٿي سگهي ٿي ۽ اوچ شريف انٽرچينج کان ايم 5 موٽر وي ۾ ٻيهر شامل ٿي سگهي ٿي.موٽر وي پوليس جي ترجمان چيو ته سکر کان ملتان ايم 5 تائين اوچ شريف انٽرچينج نيشنل هاءِ وي تي سفر ڪري سگهجي ٿو، ۽ شير شاهه انٽرچينج کان ايم 5 موٽر وي تي ٻيهر شامل ٿي سگهي ٿو.










