جلال پور، 2 عورتون ۽ هڪ نوجوان ٻڏي فوت

جلال پور، 2 عورتون ۽ هڪ نوجوان ٻڏي فوت

ملتان (ويب ڊيسڪ)ملتان جي جلال پور پير والا تحصيل ۾ ٻہ عورتون ۽ هڪ نوجوان ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.ريسڪيو عملدارن موجب، جلال پور پير والا جي چڪ 81 ايم ۾ پاڻي گهٽجڻ تي عورتون گهر واپس ايندي ٻڏي ويون، جڏهن ته چڪ 66 ايم ۾ هڪ نوجوان جمع ٿيل ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو.ان دوران، بهاولنگر ۽ ان جي آس پاس جا علائقا ستلج درياءَ کان متاثر ٿيا، جنهن جي ڪري 50 کان وڌيڪ گهر درياهه جي ڪٽائي سبب تباهه ٿي ويا.آفيسرن موجب، 500 کان وڌيڪ گهر خطري ۾ آهن، مقامي ماڻهن ڪٽائي کان بچڻ لاءِ پنهنجا گهر ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، علائقي ۾ مدرسي ۽ مسجد جو هڪ وڏو حصو به شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پرائمري اسڪول کي به سخت نقصان پهتو.ٻئي طرف، بهاولپور ۾ باقر پور جي ٻوڏ متاثرين انتظاميا تي رليف ڪئمپ خالي ڪرڻ جو الزام لڳايو ۽ احتجاج ڪيو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر متاثرين جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صورتحال بهتر ٿيڻ کان پوءِ متاثرين کي اتان نڪرڻ لاءِ چيو ويندو. نقصان جي سروي دوران متاثرين لاءِ پنهنجن گهرن ۽ علائقن ۾ هجڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو