ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن.شهر شهر ۾ جشن آزادي ملهائڻ جون تياريون جاري آهن.بازارن ۾ ٻار ۽ وڏا قومي جهنڊا ۽ بيج خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته هن ڀيري به شهري قومي جهنڊي ۽ ان جي رنگن مطابق ڪپڙا خريد ڪري رهيا آهن.مختلف شهرن ۾ اڄ خصوصي تقريبون پڻ منعقد ڪيون پيون وڃن.حيدرآباد ۾ خانگي اسڪول انتظاميا پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور خاص ۾ به روڊن رستن کي جهنڊن ۽ قومي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي.اقليتي برادري به جشن آزادي جي تيارين ۾ اڳڀرائي تي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پشاور ۾ ٻن عيسائي ڀائرن چئن ئي صوبن جي موسيقيءَ کي گڏ ڪري نئون گيت تيار ڪيو آهي.










