ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي 78هين يوم آزادي جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب زخمين ۾ ٻار ۽ 2 عورتون به شامل آهن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ريسڪيو ذريعن موجب هوائي فائرنگ جا واقعا ماڙي پور روڊ، پي آءِ بي ڪالوني، پرانا گوليمار ۽ ڪورنگي جي علائقن ۾ پيش آيا جڏهن ته جمشيد ڪوارٽر، گلشن اقبال، لياري، ملير 15 مان به هوائي فائرنگ سبب زخمي ٿيل ماڻهن کي اسپتال آندو ويو.ياد رهي ته سڄي ملڪ ۾ اڄ 78هون يوم آزادي ملي جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي، جشن آزادي جي موقعي تي نوجوانن رنگ برنگي لائٽون، سايون جهنڊيون ۽ جهنڊا لڳائي پوري ملڪ کي سجائي ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ وڏن روڊن جي چوڌاري قائم عمارتن جي سجاوٽ شهر جا رنگ ڍنگ ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته اسلام آباد ۾ به رنگن جي هريالي ڇانيل آهي.










