اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن سپريم ڪورٽ ۾ سينيارٽي جي معاملي تي درخواست داخل ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن، منير اي ملڪ ۽ بئريسٽر صلاح الدين جي ذريعي، آئين جي آرٽيڪل 184 جي شق 3 جي تحت 49 صفحن تي ٻڌل درخواست داخل ڪئي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندڙن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سمن رفعت امتياز ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق شامل آهن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته صدر کي آرٽيڪل 200 شق ون تحت ججن جي بدلي جا لامحدود اختيار ناهن، عوامي مفاد کانسواءِ ججن کي هڪ هاءِ ڪورٽ کان ٻي هاءِ ڪورٽ منتقل نٿو ڪري سگهجي، جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور ڪم ڪر کان روڪيو وڃي. ججن جي درخواست ۾ اهو به درخواست ڪئي وئي آهي ته جسٽس خالد سومرو ۽ جسٽس محمد آصف کي عدالتي ڪم کان روڪيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن صدر پاڪستان، فيڊريشن ۽ جوڊيشل ڪميشن سان گڏوگڏ سپريم ڪورٽ، سنڌ، بلوچستان ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي به درخواست ۾ ڌر بڻايو آهي.










