اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) صدر آصف علي زرداري پاران جسٽس يحيٰ آفريدي جي سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس طور منظوري بعد قانون واري وزارت باضابطه طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هو 26 آڪٽوبر تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. سندس نامزدگي تي وڪيل برادري پاران مليل جليل رد عمل سامهون آيو آهي. ڊيرا اسماعيل خان، پشاور ۽ بهاولپور بار نامزدگي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هو هڪ غير جانبدار جج آهي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر احسن ڀون جسٽس آفريدي جي مقرري کي ويلڪم ڪندي چيو آهي ته هو هڪ قابل ۽ غير متانزعه جج آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان ۽ سندس گروپ 26 هين آئيني ترميم خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي 25 آڪٽوبر تي رٽائرمينٽ واري ڏينهن يوم نجات ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس ٽن سالن لاءِ مقرر ٿيو آهي. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جي جج جي رٽائرمينٽ 65 سالن جي عمر ۾ ٿيندي آهي پر يحيٰ آفريدي ان کان اڳ ئي 26 آڪٽوبر 2027 تي 63 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ٿي ويندو.










