جسٽس منصور ۽ جسٽس اطھر من الله استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

جسٽس منصور ۽ جسٽس اطھر من الله استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.ان کان علاوه سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه پنهنجو 13 صفحن جو استعيفيٰ صدر کي موڪلي ڇڏيو آهي.جسٽس منصور علي شاهه 27 هين آئيني ترميم تي تحفظات جو اظهار ڪيو هو ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي کي ٻه خط به لکيا هئا.پنهنجي استعيفيٰ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته 27 هين آئيني ترميم پاڪستان جي آئين تي هڪ سنگين حملو آهي، 27 هين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته 27 هين ترميم عدليه کي حڪومت جي ماتحت بڻائي ڇڏيو آهي.

Justice Mansoor Resignation 1 by usmandatari

پهنجو تبصرو موڪليو