جسٽس منصور وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

جسٽس منصور وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر پيوني جج جسٽس منصور علي شاهه وقتي چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٿي، جسٽس عائشه اي ملڪ جسٽس منصور علي شاهه کان حلف ورتو.جسٽس منصور علي شاهه 10 جون تائين بطور وقتي چيف جسٽس جون ذميواريون نڀائيندو. تقريب ۾ جسٽس شاهد وحيد، جسٽس عامر فاروق، جسٽس شاهد بلال، جسٽس علي باقر نجفي، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب امجد پرويز ۽ سينئر وڪيلن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو