جسٽس ملڪ شهزاد لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر

جسٽس ملڪ شهزاد لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي جسٽس ملڪ شهزاد کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايوان صدر جي ترجمان موجب صدر عارف علوي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ترجمان موجب صدر جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، جڏهن ته جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو