اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي جي آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي 14 مان 13 ميمبرن جسٽس مظاهر نقوي جي اثاثن جي جاچ جي اجازت ڏني پر رڳو پي ٽي آءِ سينيٽر محسن عزيز جج جي اثاثن جي جاچ جي اجازت جي مخالفت ڪئي. ان موقعي تي نور عالم خان چيو ته هي جسٽس مظاهر يا ڪنهن ايڪس وائي جو معاملو ناهي، هي ڪرپشن جو مسئلو آهي. جيڪڏهن منهنجي ڀيڻ، ڌيءَ ۽ ٻارن جا اثاثا آمدني کان وڌيڪ هوندا ته مان انهن جو به پيڇو ڪندس. ڪميٽي، جسٽس جي پرڏيهي سفر، ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري جو رڪارڊ به طلب ڪيو آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل جج لاهور ۾ ڪروڙين روپين جا بنگلا خريد ڪيا، پرويز الاهي سندس پٽ کي پيپر ڪانٽريڪٽ ڏنا، جج جي پرويز الاهي سان ڳالهه ٻولهه جي هڪ ڪلپ به وائرل ٿي هئي. پرويز الاهي جو سيڪريٽري جيڪو پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ روپوش هو، ان کي به جج پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏني هئي، سندس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس به داخل آهي ۽ چيف جسٽس سندس خلاف ڪاروائي کان انڪار ڪيو هو.










