اسلام آباد)بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ 2 ججن جي خالي سيٽن واري معاملي تي جڊيشل ڪميشن جي سمورن ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پشاور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس نامزد ڪيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ جسٽس مسرت ۽ جسٽس احمد علي شيخ جي نالن تي غور ڪيو وڃي.ذريعن موجب خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي چيف جسٽسن کي سينيئرٽي جي اصول تي سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ تي غور ڪيو وڃي.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 17 ججن بدران 15 جج ڪم ڪري رهيا آهن.










