جسٽس فائز عيسي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر

جسٽس فائز عيسي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر

اسلام آباد(بيورو رپوٽ)صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال آئين جي آرٽيڪل 179 تحت 16 سيپٽمبر 2023 تي رٽائر ٿيندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري 17 سيپٽمبر 2023ع کان جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڳو ٿيندي،.چيف جسٽس جي مقرري صدر آئين جي آرٽيڪل 175 اي 3 تحت ڪئي آهي. صدر 17 سيپٽمبر 2023 تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان عهدي جو حلف کڻندو. صدر 2 مهينا اڳ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏئي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو