جسٽس فائز عيسيٰ جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ لڳو، اسپتال ۾ داخل

جسٽس فائز عيسيٰ جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ لڳو، اسپتال ۾ داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا وائرس جو شڪار سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  جي طبيعت خراب ٿي وئي، ڊاڪٽرن کيس اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو مشورو ڏنو. اي آر واءِ جي رپورٽ موجب فوجي ڊاڪٽرن معائني بعد کيس آرمي اسپتال ۾ داخلا جو مشورو ڏنو. جسٽس فائز عيسيٰ ساٿين سان مشاورت بعد فوجي اسپتال منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پشاور روڊ تي گولڙه وٽ واقع قائد اعظم انٽرنيشنل اسپتال منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. جتي سندس طبيعت ۾ سڌارو اچڻ لڳو آهي. جسٽس عيسيٰ کي کنگهه تمام وڌي وئي هئي. هي نجي اسپتال آهي جيڪا گلوبل هيلٿ سروسز لميٽيڊ ڪمپني جي انٽظام ۾ هلي ٿي. هن اسپتال جو باني ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر  ڊاڪٽر شوڪت بنگش آهي ۽ ڪمپني سيڪريٽري عبدالرحمان ميمڻ آهي. جسٽس عيسيٰ جي گهرواري جو پنهنجي سرڪاري رهائش گاهه تي علاج هلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو