ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي پهرين عورت جج جسٽس عائشه اي ملڪ کي برطانوي نشرياتي اداري طرفان 100 بااثر عورتن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.برطانوي نشرياتي اداري طرفان اربع تي هلندڙ سال لاءِ دنيا جي 100 بااثر عورتن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي واحد عورت جج جسٽس عائشه ملڪ جو نالو به شامل آهي.برطانوي نشرياتي اداري جسٽس عائشه ملڪ جي واکاڻ ڪندي لکيو ته، ”سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هوءَ سڄي دنيا جي ججن لاءِ ٽريننگ سيشن پڻ منعقد ڪندي آهي ۽ پاڪستان ۾ عورت ججن لاءِ ڪانفرنسن جو به اهتمام ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ اهم معاملن تي بحث ڪيو ويندو آهي.ان حوالي سان جسٽس عائشه ملڪ جو چوڻ آهي ته عورتن کي هڪ نئون داستان ٺاهڻ گهرجي، جنهن ۾ سندن پنهنجو نقطه نظر ۽ تجربو شامل هجي، جنهن ۾ سندن ڪهاڻي به شامل هجي.هلندڙ سال جي شروعات ۾ 56 سالن جي جسٽس عائشه ملڪ پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي تاريخ رقم ڪئي.جسٽس عائشه ملڪ کي ان وقت جي چيف جسٽس گلزار احمد حلف کڻايو.










