اسلام آباد(بيورو)حڪمران اتحاد نيب چيئرمين جي عهدي لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين اتحادي پارٽين وچ ۾ نئين چيئرمين نيب جي نالي تي مشاورت ڪئي وئي، جنهن ۾ جسٽس (ر) مقبول باقر جو نالو نئين چيئرمين لاءِ حڪومتي لسٽ ۾ سرفهرست آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سموريون حڪمران پارٽيون جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي تي متفق ٿي ويون آهن جڏهن ته آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ۾ مقبول باقر جي نالي تي به غور ڪيو ويو.ذريعن موجب آصف زرداري ۽ شهباز شريف نيب چيئرمين لاءِ مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جنهن بعد کيس مضبوط اميدوار بڻايو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي به مقبول باقر جي نالي تي ڪو به اعتراض ناهي، جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه آئي ته جسٽس (ر) مقبول باقر نئون چيئرمين نيب هوندو. جسٽس (ر) مقبول باقر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ترقي ڏئي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ جج طور سندس ڪردار تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو ويو.










