اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ 2 صفحن جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان هڪ تحريري حڪم جاري ڪيو آهي. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس جهانگيري کي سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪائونسل جي فيصلي تائين ڪم کان روڪيو پيو وڃي. هن معاملي ۾ حساس سوال آهن.جج جي قابليت تي به سوال اٿن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ هڪ شڪايت پڻ التوا ۾ آهي.عدالت جسٽس طارق محمود جهانگيري کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي فيصلي تائين جج طور ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي.تحريري حڪم ۾ 21 آڪٽوبر تي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کان مدد طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ هڪ ٻئي درخواستگذار جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي.










