جسٽس جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم رد

جسٽس جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 16 سيپٽمبر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي معاملن کان روڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ ڪالهه هن فيصلي کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.اڱاري ڏينهن، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي مشتمل پنج رڪني آئيني بينچ جسٽس جهانگيري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ چيو ته ‘ڪنهن به جج کي عبوري حڪم سان عدالتي ڪم کان روڪي نه ٿو سگهجي، ان تي جسٽس امين الدين خان ميان دائود کان سندس راءِ پچي ته ، جواب ۾ ميان دائود چيو منهنجي به ساڳي راءِ آهي، ڪنهن به جج کي عدالتي ڪم کان روڪي نه ٿو سگهجي، هن وڌيڪ چيو اهڙو حڪم جيڪو جج کي سندس فرضن کان روڪي ٿو، ان جو دفاع نٿو ڪري سگهجي، آئيني بينچ نوٽ ڪيو ته سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف داخل ڪيل درخواست تي اعتراض آهن، ۽ هدايت ڪئي ته عدالت “پهرين رٽ پٽيشن ۾ اٿاريل اعتراضن تي فيصلو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو