جسٽس جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم معطل

جسٽس جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم معطل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم نامو معطل ڪري ڇڏيو. جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ خلاف داخل اپيل تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڌرين ۽ اٽارني جنرل جي آفيس کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي مشتمل ڊويزن بينچ، ميان داؤد جي درخواست تي حڪم جاري ڪندي، جسٽس طارق محمود جهانگيري کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي فيصلي تائين بطور جج ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. ان حڪم خلاف جسٽس طارق جهانگيري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. ان کانسواءِ ڪراچي يونيورسٽي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي قانون (LLB) جي ڊگري رد ڪندي مٿس 3 سالن جي پابندي به لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو