جسٽس بابر جو فيصلو معطل، چيئرمين پي ٽي اي بحال

جسٽس بابر جو فيصلو معطل، چيئرمين پي ٽي اي بحال

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيئرمين پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) کي عهدي تان هٽائڻ جو جسٽس بابر ستار جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس تي ٻڌل 2 رڪني بينچ چيئرمين پي ٽي اي جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل(ر) حفيظ الرحمان جو وڪيل قاسم ودود عدالت ۾ پيش ٿيو. پي ٽي اي وفاق ۽ عهدي تان هٽايل چيئرمين طرفان انٽرا ڪورٽ اپيلون داخل ڪيون هيون. انهي حوالي سان ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻيا به عدالت جي سامهون پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران پي ٽي اي جي وڪيل سلمان منصور دليل ڏيندي چيو ته داخل ڪيل درخواست ۾ جيڪا استدعا به نه ڪئي وئي اهو رليف به ڏنو ويو، چيئرمين پي ٽي اي کي هٽائڻ کان اڳ نه رولز کي چيلينج ڪيو ويو ۽ نه ئي اٽارني جنرل کي نوٽيس اماڻيو ويو.پي ٽي اي جي وڪيل عدالت جي سامهون موقف اختيار ڪيو ته اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪرڻ ضروري هو ڇو ته داخل ڪيل پٽيشن ۾ جيڪا استدعا نه ڪئي وئي هجي انهي کي آرٽيڪل 199 ۾ نٿو ڏسي سگهجي. سلمان منصور وڌيڪ چيو ته عدالت پاڻ لکيو آهي ته سموري بحث اڃان مڪمل نه ٿي ۽ اعتراضن تي ٻڌل 2 درخواستون به داخل ٿيون انهن کي ڏسڻ کان سواءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو.سلمان منصور جو دليلن ۾ چوڻ هو ته درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ جي اعتراضن تي ته دليل اڃان ٿيڻا هئا پر جڏهن وڪيل موڪل تي هئا ته انهي ڏينهن ٻڌڻي مڪمل چئي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.سلمان منصور جي دليلن تي جسٽس محمد آصف انهي کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي ته ڪافي موقعو ڏنو ويو هو. جنهن کان پوءِ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل(ر) حفيظ الرحمان کي هٽائڻ جو جسٽس بابر ستار جو فيصلو معطل ڪندي انهي کي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو