پنجاب ۾ چونڊ، جسٽس امين کانسواءِ باقي 4 جج ڪيس ٻڌندا

پنجاب ۾ چونڊ، جسٽس امين کانسواءِ باقي 4 جج ڪيس ٻڌندا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين تي ٻڌل 5 رڪني بينچ ٻن صوبن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي لاءِ پهتي ته چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته جسٽس امين الدين خان ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.ان موقعي تي جسٽس امين ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي، جسٽس امين گذريل ڏينهن جي فيصلي جي تناظر ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.جسٽس امين چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دير ٿيڻ تي معذرت ڪريان ٿو. جسٽس امين الدين جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ بينچ ڪمري مان نڪري وئي.جسٽس امين جي معافي کانپوءِ عدالت جي لارجر بينچ ٽوڙي وئي ۽ هاڻي ڪيس ۾ نئين بينچ جوڙي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو