ملير (شهزادو مستوئي) بغاوت ڪيس ۾ رينجرز جسقم ملير جي ضلعي صدر ضمير حاجاڻو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هو پنهنجي بيمار والدين کي اسپتال مان ڏيکاري واپس پئي آيو ته کيس رستي ۾ روڪي گرفتار ڪيو ويو. سندس پوڙها والدين ڪيتري دير تائين بي يارو مددگار بيٺا رهيا. ياد رهي ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي سڏ تي سنڌ جي وحدت خلاف ڪراچي ۾ پيغام سنڌ ريلي کان پوءِ جسقم چيئرمين صنعان قريشي الاهي بخش سميت اڍائي هزار ڪارڪنن تي بغاوت ۽ دهشتگردي سميت مختلف الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جهن بعد هاڻي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب کيس گرفتار ڪرڻ وقت رينجرز به موجود هئي.










