جست اڳواڻ جو قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان

جست اڳواڻ جو قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان

ملير(رپورٽ طارق جان سهتو) کنڀي کم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ ۽ شهيد ارشاد رانجهاڻي ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد سيد مسعود شاهه جي ڀاءُ  آفتاب شاهه پنهنجي ساٿين سميت جست کي هميشه لاءِ الوداع چئي قومي ڌاري ۾ شامل ٿي ويو، ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سيد آفتاب شاهه عثمان گاڏهي سڪندر چانڊيو عاجز بهڻ امجد کٽياڻ فرحان گاڏهي علي احمد چنو، محسن ۽ ٻين چيو ته اڄ کان پوءِ ڪنهن آزادي پسند گروپ سان ڪوبه واسطو نه آهي، پرامن شهري ٿي زندگي گذاريندس، هنن چيو ته پاڪستان اسان جو ملڪ آهي، پاڪ فوج سان هر مشڪل گهڙي ۾ ساٿ نڀائينداسين، هنن چيو ته سنڌ جي قومپرست ۽ آزادي پسند سياست رڳو سنڌي نوجوان مارائڻ جي سياست آهي. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ مسعود شاهه ۽ آفتاب شاهه جا ڀائر سيد منظور شاهه، جنيد عبدالغفار شاهه آزادي پسند تنظيمن کان لاتعلقي جو اعلان ڪري چڪا آهن،ان موقعي تي محمد فيصل ابڙو ڪامران ابڙو ۽ عادل مشتاق آرائين به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو