گهوٽڪي(نمائندن وٽان) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه جروار ۽ يارو لنڊ پهتو، جتي کيس برسات سبب ٿيل تباهين تي بريفنگ ڏني وئي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جروار ۽ يارو لنڊ يوسيز ۾ مسئلو آهي، حل ڪرڻ آيو آهيان، شهري آبادين مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي مراد علي شاهه چيو ته آبادين ۾ بيمارين کان بچاءَ وارا اسپري ڪرائڻ جون هدايتون ڪيون آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو ٻئي پاسي وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن مقامي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف شڪايتون پڻ ڪيون










