ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سائنسدانن تازي تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته هر انسان جي وڏي آنڊي ۾ 54 هزار 118 وائرسز موجود آهن. نيچر مائيڪروبائيولاجي نالي جنرل ۾ شايع ٿيل ان ريسرچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن اسٽڊي کان اڳ انساني آنڊي ۾ موجود 92 سيڪڙو وائرسز بابت اڳ ۾ معلومات موجود نه هئي.جوائنٽ جينوم ۽ ڪيليفورنيا جي انسٽيٽيوٽ ۽ اسٽين فورڊ يونيورسٽي جي گڏيل ريسرچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهڻي ڀاڱي هي بيڪٽيروفيجز آهن جيڪي انساني جسم لاءِ نقصانڪار نه پر فائديمند آهن. انسان کي هاڃو رسائيندڙ جيوڙن کي هي ختم ڪن ٿا ۽ انساني سيلز کي نقصان نٿا رسائين. آنڊي ۾ موجود هي وائرسز کاڌو هضم ڪرڻ سميت ڪيترائي ٻيا به ڪم ڪن ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انساني آنڊي ۾ موجود ايڏي وڏي تعداد وارن وائرسز مان 70 سيڪڙو اهڙا آهن جيڪي ليب م به ٺاهي سگهجن ٿا. هن اسٽڊي ۾ دنيا جي 24 ملڪن جي رهواسين جي ڪرفٽي يعني پاءِ خاني جا 11 هزار 810 سيمپل ڪٺا ڪري انهن جو تجزيو ڪيو ويو. ان دوران ڪيٽلاگ ۾ هڪ لک 89 هزار 680 وائرل جينومز 50 هزار وائرسز سان جڙيل هئا. انهن مان 90 سيڪڙو سائنسدانن لاءِ نوان آهن. هن اسٽڊي ۾ ساڍا چار لک مختلف پروٽينز کي انڪوڊ ڪيو ويو. هي سيمپل يورپ ۽ اتر آمريڪا مان گڏ ڪري انهن جو جائزو ورتو ويو. هنن نمونن مان 11 هزار اهرا ڪامن جينز هئا جيڪي اينٽي بايوٽڪ جو پينسلن جيان مزاحمتي ڪم ڪن ٿا.










