جج خلاف پروپيگنڊا ڪيس ۾ جوابدار جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

جج خلاف پروپيگنڊا ڪيس ۾ جوابدار جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جج خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪيس ۾ جوابدار صديق انجم جي عبوري ضمانت ۾ 23 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جوابدار پشاور هاءِ ڪورٽ مان ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت ورتي آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت منظور ڪندي ڪيس ۾ عدالت ضمانت رد ڪري ڇڏي.وڪيل انصار ڪياني چيو ته ايف آءِ اي آفيسر عدالت کي گمراهه ڪري رهيا آهن. ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت نه ورتي وئي، صديق انجم ٻين نامعلوم ڪيسن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ورتي آهي، عدالت ايف آءِ اي کي نامعلوم ڪيسن ۾ جوابدارن جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي.عدالت جوابدار جي عبوري ضمانت ۾ 23 نومبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو