ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) سانائي تاڪائيچي جاپان جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجي وئي آهي، هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق سانائي تاڪائيچي وزيراعظم جي چونڊ لاءِ هيٺين ايوان ۽ مٿين ايوان مان ووٽ حاصل ڪيا آهن، رپورٽ موجب 64 سالن جي سنائي تاڪچي هيٺين ايوان ۾ 237 ووٽ ۽ مٿين ايوان ۾ 125 ووٽ حاصل ڪري جاپان جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي وئي آهي،نيوز ايجنسي جي مطابق، سنائي تاڪچي اڄ شام جاپان جي 104 هين وزيراعظم طور حلف کڻندي.










