جاويد ۽ ڪنگنا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

جاويد ۽ ڪنگنا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور شاعر ۽ گيتڪار جاويد اختر ايم پي اي ۽ اداڪارا ڪنگنا رناوت جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جاويد اختر جي وڪيل جيئي ڀاردواج اداڪارا جي عدالت ۾ مسلسل پيش نه ٿيڻ سبب هراساني ڪيس ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ڪنگنا رناوت کي گذريل هفتي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو پر هوءَ ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿي، جنهن تي جاويد اختر جي وڪيل ڪنگنا رناوت جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.هن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اداڪارا عدالت ۾ حاضري کان مستقل ڇوٽ جي درخواست ڪئي هئي جيڪا رد ڪئي وئي.هنن جو چوڻ آهي ته درخواست رد ٿيڻ باوجود هوءَ مختلف ٻڌڻين تي مسلسل عدالت ۾ پيش نه ٿي. هن اهو به چيو ته پهرين مارچ 2021 تي سندس خلاف ضمانتي وارنٽ پڻ جاري ڪيا ويا هئا، جيڪو بعد ۾ منسوخ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو