رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته سعودي عرب جائز حقن ۽ پائيدار امن لاءِ فلسطينين سان گڏ آهي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان فلسطيني صدر محمود عباس کي فون ڪيو جنهن دوران هن چيو ته هو اسرائيل-فلسطين تڪرار کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.سعودي ولي عهد چيو ته سعودي عرب جائز حقن ۽ پائيدار امن لاءِ فلسطينين سان گڏ آهي، محمد بن سلمان چيو ته اسان کي فلسطينين جي زندگين کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي. سعودي نيوز ايجنسي موجب شهزادي محمد بن سلمان مصري صدر عبدالفتاح السيسي ۽ اردن جي بادشاهه عبدالله دوم سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪري اسرائيل-فلسطين تڪرار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










