ثبوت نه ملڻ تي لغاري خلاف جاچ ختم، عدالت جي نيب کي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب عدالت آڏو اقرار ڪيو ته پي پي اڳواڻ ۽ ريلوي جي اڳوڻي وفاقي وزير حاجي ظفر لغاري خلاف غير قانوني اثاثن جا  ثبوت نه ملي سگهيا آهن جنهن ڪري انڪوائري ختم ڪئي وئي آهي. جنهن تي هاءِ ڪورٽ نيب جي آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته خدا جو خوف ڪريو. ظفر علي لغاري 90 سالن جو بزرگ آهي، نيب انڪوائري سبب کيس جيڪا تڪليف پهتي هوندي ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ جنهن بعد عدالت نيب جي اهڙي بيان جي بنياد تي حاجي ظفر علي لغاري پاران داخل ڪيل ضمانت جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو