ثاقب نثار جي پٽ جو آڊيو ليڪ ڪيس، اعتزاز احسن عدالت ۾ پيش

ثاقب نثار جي پٽ جو آڊيو ليڪ ڪيس، اعتزاز احسن عدالت ۾ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثاقب جي آڊيو ليڪ تي جوڙيل خصوصي ڪميٽي طالبي خلاف ڪيس ۾ طلبي کانپوءِ جوڊيشل اسسٽنٽ بئريسٽر اعتزاز احسن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.جسٽس بابر ستار، بئريسٽر اعتزاز احسن، رضا رباني، مخدوم علي خان ۽ بئريسٽر محسن شاهنواز رانجها کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو.درخواستگذار نجم الثاقب جو وڪيل سردار لطيف کوسا به عدالت ۾ پيش ٿيو.اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ به عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن استدعا ڪئي ته ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ سوالن تي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي.ان موقعي تي جوڊيشل اسسٽنٽ بئريسٽر اعتزاز احسن روسٽرم تي آيو.عدالت آڊيو رڪارڊنگ جي معاملي ۾ عدالتي معاونن کان مدد طلب ڪري ورتي آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا آئين ۽ قانون شهرين جي ڪالز جي نگراني ۽ رڪارڊنگ جي اجازت ڏئي ٿو؟ غير قانوني طور تي رڪارڊ ڪيل ڪالن جو ذميوار ڪير هوندو؟ ڪهڙي اٿارٽي يا ايجنسي ڪهڙي ميکانيزم تحت ڪال رڪارڊ ڪري سگهي ٿي؟ آڊيو رڪارڊنگ جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا تحفظات آهن؟ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثقيب درخواست داخل ڪرائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو