تڪراري ٽوئيٽ ڪيس, هادي علي چٺا گرفتار

تڪراري ٽوئيٽ ڪيس, هادي علي چٺا گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت ۾ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس ايڊووڪيٽ هادي علي چٺا خلاف هڪ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت هادي علي چٺا جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو، جنهن کان پوءِ عدالت مان نڪرڻ سان ئي کيس گرفتار ڪري ورتو ويو،وفاقي راڄڌاني ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا جي عدالت ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا خلاف هڪ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. فاضل جج هادي علي چٺا جي گرفتاري ۽ کيس سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، بعد ۾، عدالت متنازع ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ جيئن ئي هادي علي چٺا عدالت مان ٻاهر نڪتو، ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي عملدارن کيس هٿڪڙيون هڻي گرفتار ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو