لوئر دير(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي لوئر دير جي شهر تيمر ڳڙهه جي علائقي دانوها ۾ ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙا زخمي ٿي پيا.لوئر دير پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ اسڪول ويندڙ 4 ٻارڙا زخمي ٿي پيا.زخمي ٻارڙن کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال تمر ڳڙهه منتقل ڪيو ويو آهي.لوئر دير پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٻارڙن جي عمر 11 کان 14 سالن جي وچ ۾ آهي.










