سجاول ( ن سنڌيار) وفاق سرڪار پاران تيل جي اگھ ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آئي، سڄي ملڪ جيان سجاول ۾ به وفاق سرڪار پاران تيل جي اگھ ۾ واڌ خلاف مزدورن، پورهيتن سوشل ورڪرن، سياسي سماجي اڳواڻن، اميرالبحر اڳواڻ آڪاش خميسو ٻاگهل، ايس يو پي اڳواڻ گل حسن رند، سنڌ صوفي سنگت سلطان کوسو، سوشل ورڪر نظير هٿيا، شھرين ۽ ڊرائيورن ڊي سي هائوس اڳيان روڊ تي پنهنجون ٽيڪسيون بيهاري ٺٽو ۽ بدين روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ وفاق سرڪار خلاف سخت نعري بازي ڪري ڌرڻو هڻي وهي رهيا. روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهي رهيون. ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ٻين چيو ته وفاق سرڪار پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگه وڌائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. غريب عوام اڳ ۾ مهانگائي چڪي ۾ پيسجي رهي آھي ٻيو وري تيل جا اگه وڌائي غريب عوام کي خودڪشي ڪرڻ کان مجبور ڪري ڇڏيو آھي. پنهنجي بکايل ٻچڙن جي حقن لئي۔هي ظالم سرمائيدار ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا ۔اسان تباھ ۽ برباد ٿي وينداسين. هنن وفاق حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته تيل جي اگهن کي گهٽائي غريب مسڪين عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وصيح ڪيو ويندو.










