ڳڙهي ياسين (ن س )مدئجي ويجهو جلباڻي لاڙي وٽ تيز رفتار مزدا رڪشا مٿان چڙهي وئي 2 عورتون موقعي تي فوت ٿي ويون 8 زخمي. رڪشا ۾ سوار 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي زخمين ۾ در بيبي مسمات سوني مسمات گلشن خاتون سميرا بروهي امتياز بروهي بابڙ علي بروهي سھيل احمد بروهي ۽ عجب گل بروهي سميت 8 زخمين کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو. فوت ٿيلن جا لاش پوليس ضروري ڪاروائي لاء اسپتال پهچايا فوتي عورتن جي سڃاڻپ ڳوٺ محمد مراد بروهي واسي حرمت خاتون ۽ مسمات خاتون بروهي طور ٿي وڏي انگ ۾ شهري اسپتال پهتا عورتن جا لاش وارث کڻائي ڳوٺ پهتا ته گهر۾ روڄ راڙو پئجي ويو.جڏهن ته واقعي جو آخري اطلائن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو..










