تير ۽ شير جي شادي ٽئين قوت زبردستي ڪرائي: حافظ حمد الله

تير ۽ شير جي شادي ٽئين قوت زبردستي ڪرائي: حافظ حمد الله

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته تير ۽ شير جي شادي ٽين قوت زبردستي ڪرائي آهي،بلاول ڀٽو زرداري کان پڇو، هو هن سياسي شادي تي خوش ناهي.هن چيو ته جي يو آءِ جو پيغام واضح آهي، هاڻ هو پارليامينٽ ۾ ويندا، پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻاهر نظام خلاف تحريڪ هلائيندا، حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته معاهدو بيروزگاري ۽ مهانگائي جي خاتمي بابت ٿيڻو هو، بدقسمتي سان اقتدار ۽ سيٽون ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، ان ۾ ڪا به ڳالهه نه هئي.جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ چيو ته جي يو آءِ ف ان قسم جي حڪومت جو حصو نه آهي ۽ نه رهندي، هنن جيڪا حڪومت ٺاهي آهي اها رڳو اقتدار لاءِ آهي قوم جي ترقي لاءِ ناهي.هنن جو چوڻ آهي ته ڪالهه ٻه وڏيون پارٽيون اقتدار ۾ نه هيون ان ڪري چونديون هيون ته هنن ۾ دھاندلي ٿي آهي ۽ اڄ اهي اقتدار ۾ اچي رهيون آهن ته پوءِ چون ٿا ته دھاندلي نه ٿي آهي، سياسي ۽ اقتصادي استحڪام لاءِ شفاف اليڪشن ٿيڻ ضروري هئي حافظ حمدالله وڌيڪ چيو ته اليڪشن کان اڳ ٻڌندا هئاسين ته فلاڻي صوبو فلاڻي پارٽي کي ڏنو پيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت به فلاڻي پارٽي کي ڏني پئي وڃي، اليڪشن کان اڳ جيڪو ٻڌي رهيا هئاسين، اهو ئي آهي. اليڪشن کان پوءِ جيڪو ٿيو، صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو