ساهيوال(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان غريبن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ساهيوال ۾ عوامي مارچ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هو ڪٺ پتلي کي ٻڌائي رهيو آهي ته جيالا پنهنجا حق کسڻ ڄاڻن ٿا جڏهن ته توهان سليڪٽيڊ جي نالائقين جو بار کڻي رھيا آھيو. هن چيو ته عمران خان غريب عوام جو زندگي گذارڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته عمران خان جي ڪري ملڪ جو عوام مهانگائي جي ان چڪر ۾ ڦاسي پيو آهي.
وزيراعظم کي مخاطب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جڏهن مارچ شروع ڪيو ته اھي گھٻرائڻ شروع ٿي ويا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سي پيڪ جا منصوبا زرداري جي ڪري هلي رهيا آهن. هن چيو ته اسين آمرن سان مهاڏو اٽڪايو تون ته ڪٺپتلي آهي. هن وزيراعظم کي خبردار ڪندي چيو ته تيار ٿيو اسين اوهانجو بندوبست ڪرڻ اچي رهيا آهيون.










