توهين عدالت ڪيس: عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

توهين عدالت ڪيس: عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.عمران خان پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت پاران 25 مئي جي لانگ مارچ ۾ مون کي ڏنل ڪنهن به خاطري جي خبر ناهي.عمران خان جي لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته مون کي عدليه جو وڏو احترام آهي، سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به حڪم جي ڀڃڪڙي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.ان کان علاوه عمران خان تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان 3 نومبر تائين جي مهلت طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو