ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئين جو دفاع ڪرڻ عام شهري يا وردي واري شخص جو ڪم ناهي، آئين جو دفاع رڳو قانون ساز (legislature)، ايگزيڪيوٽو ۽ عدليه کي ئي ڪرڻو آهي. 73 آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه پاڪستان پيپلز پارٽي پاران منعقد ڪيل 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي يڪراءِ واري آئين جو تحفو ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن پاڪستانين کي آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته آئين جو دفاع ڪرڻ ڪنهن عام شهري جو ڪم ناهي ۽ نه ئي وردي وارن جو ڪم آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته آئين جو دفاع ڪرڻ صرف ليجسليچر، ايگزيڪيوٽو ۽ جڊيشري جو آهي، آئين ۾ لفظ preserve, protect and defend آهن، جڏهن اسان کان حلف ورتو ويندو آھي تھ چوندا آهيون. صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جا ميمبر ۽ سينيٽ جا ميمبر آئين جي پاسداري جو حلف کڻندا آهن. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي حفاظت، تحفظ ۽ دفاع جو حلف کڻندا آھن، ملڪي ۽ صوبائي اقتدار سنڀالڻ وقت بھ ساڳيو حلف کنيو ويندو آھي ۽ جڊيشري / جج پڻ اھو ئي حلف کڻندا آھن. پاڪستان جي آئين جي حفاظت، تحفظ ۽ دفاع ڪرڻ انهن ٽنهي جو ڪم آهي، باقي سڀني جو ڪم آئين تي عمل ڪرڻ آهي. انهن ٽنهي طبقن کي طاقت ڏڻي آهي ۽ آئين انهن کي اختيار ڏنو ھو ۽ ڪنھن ريت ان طاقت کي ختم ڪيو ويو آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ جڏھن 1973 جو آئين ٺھيو تھ ليجسليچر جا صرف ٽي تقاضا ھئا، ھُو پاڪستان جو شھري ھجي، قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي ميمبر لاءِ 25 سال ڄمار مقرر ھئي ۽ سينيٽ جي ميمبر لاءِ 30 سال ڄمار مقرر ڪئي وئي. نااھليت لاءِ چار تقاضا ھئا، ٻٽي شھريت نھ ھجي، جيڪڏھن دماغي توازن ٺيڪ نھ آھي، جيڪڏھن اوھان قرضدار نھ آھيو ۽ جيڪڏھن اوھان پاڪستان جي خدمت ۾ آھيو. ان بعد جڏھن مارشل لا آيو ضيا الحق نھ رڳو ليجسليچر کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ 3 ڪواليفڪيشن کي وڌائي 7 ڪري ڇڏيو. ھاڻ منھنجا ووٽرز نھ ڪو ٻيو فيصلو ڪندو تھ مان ايماندار آھيان يا نھ آھيان، اسلامي نظريي جو پاسدار آھيان يا نھ وغيرھ وغيرھ. ناھليت صرف 4 آپشن ھئا ھاڻ 16 ڪيا ويا آھن، جيڪو ايندو آھي وڌائيندو آھي. وڏي وزير وڌيڪ چيو تھ 2010ع کان پھرين آرٽيڪل 62 ۽ 63 ايترو وڌيڪ استعمال نھ ڪيو ويندو ھو، ان بعد ججن / جڊيشري حرڪت ۾ آئي ۽ انھن سمجھيو تھ سياستدانن، ليجسليچرز کي ڪمزور ڪرڻ جو شايد اھو ئي طريقو آھي. 1973 جي آئين اندر رٽرننگ آفيسر اڳيان پنھنجا ڪاغذات نامزدگي ڏيکاريندا ھئاسين تھ جيڪڏھن ڪاغذات درست قرار ڏنا ويا تھ ان خلاف ڪا اپيل نھ ڪئي ويندي ھئي. ضيا انھن ڪاغذن جي منظوري ٿيڻ کانپوءِ اپيل ڪرڻ لاءِ ٽربيونل جوڙيو. اھڙي ريت ليجسليچر کي ڪمزور ڪيو ويو ۽ اڄ اسان ڪمزور آھيون. جيڪڏھن مان ھڪ ڀيرو چونڊجي ايندو آھيان تھ 5 سال مدو ھوندو آھي، پر منھنجي مٿان جيڌھن تلوار ھوندي تھ 4 سال 364 ڏينھنن ۾ مون کي ڪوئي نااھل قرار ڏيندو ۽ ايئن ٿيندو رھيو آھي تھ 4 سالن بعد بھ ماڻھو نااھل ٿيندا رھيا آھن. پر آئين چئي ٿو تھ ھڪ ئي طريقو 225 آرٽيڪل آھي جيڪڏھن اوھان ڪنھن جي چونڊ چيلنج ڪئي تھ اليڪشن لا تحت ڪندا، اصل قانون ۾ 60 ڏينھنن اندر اپيل دائر ڪرڻي آھي ۽ ٽربيونل کي 4 مھينا ھوندا ھئا، اھي ڪل ملائي 6 مھينا ان کانپوءِ اواھن ڪنھن کي نااھل نھ ٿا ڪري سگھو ۽ ان ۾ اھو بھ ھو تھ ڪو شخص دير ڪري رھيو آھي تھ جج کي اختيار ھو تھ ان کي معطل ڪري ڇڏي. 2017ع ۾ ان قانون کي حيثيت ڏني وئي تھ ھاڻ اوھان رڳو ڏنڍ ڀريندا وڃو ۽ دير ڪندا رھو. جيڪڏھن ليجسليچر کي خوف ھوندو تھ ھُو ڪنھن بھ وقت نااھل ٿيندو تھ ھُو آزاديءَ سان ڪيئن ڪم ڪندو؟. اھڙي ريت ليجسليچر کي ڪمزور ڪيو ويو. ايگزيڪيوٽو کي آرٽيڪل 248 ذريعي استثنيٰ / رعايت حاصل آھي تھ ڪو بھ وزيراعظم، وفاقي وزير، وڏا وزير، صوبائي وزير ڪنھن ڪورٽ آف لا اڳيان جوابدھ نھ آھن. مون سميت سندس ڪابينا جا سمورا ماڻھو عدالتن ۾ پيش ٿي رھيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ 10 اپريل 1973ع جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خطاب مان سلکيو آحي تھ پارليمينٽ سپريم آھي ۽ ڀٽو صاحب چيو ھو تھ مون وٽ آئين پاس ڪرائڻ جي اڪثريت آھي پر مان يڪراءِ آئين آڻڻ چاھيان ٿو، پاليمينٽ کي ججن جي مواخذي جو اختيار ھئڻ گھرجي پر ڪيترن اعتراض ڪيو تھ ھن اھا ڪڊيشن ھٽائي ڇڏي. ھڪ مثال ڏينھن وڏي وزير چيو تھ 80 واري ڏھاڪي دوران برطانيا ۾ ھڪ مشھور اسپائي ڪيچر ڪيس ٿيو ھو جيڪو اتان جي ڊيلي مرر اخبار ۾ شايع ٿيو ھو جنھن ۾ ٽن معزز لارڊ شپ جي ابتي تصوير ڇاپي ان ھيٺان ڪيپشن لکيو ويو ھو تھ ”يو اولڊ فول“ يعني اوھان پوڙھا بيوقوف آھيو. ان وقت لارڊ ٽيمپرٽن چيو ھو تھ مان ان تي توھين عدالت ڪو ڪيس داخل نھ ڪندس، ان لاءِ اھا ڳالھھ درست آھي تھ مان پوڙھو آھيان، انھن جي خيال ۾ بيوقوف آھيان پر اھو فيصلو ماڻھن کي ڪرڻ ڏيو. ھتي اھڙي قسم جي ڪا شيءِ اوھان اڄ ڪري ڏيکاريو، ھا ڪمزور تي اھي ھڪ دم اٿي ايندا آھن. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ مان قانون جو اسٽوڊنٽ نھ آھيان پر منھنجي خيال ۾ بينچ خلاف اعتراض اٿارڻ درست آھي، جيڪي ماڻھو ماضيءَ ۾ چوندا ھئا تھ چيف جسٽس صاحب جيڪڏھن اوھان وڪيا آھيو تھ ايتري گھٽ رقم تي ڇو وڪيا؟ ان تي ڪابھ ڪارروائي نھ ڪئي ويندي، جيڪڏھن جڊيشري ايتري ڪمزور ٿي وئي آھي، جڊيشري جمھوريت جي آخري اميد آھي. وڏي وزير چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينئر پاليمينٽرين ويٺل آھي، اسان کي 1973 وارو آئين اصل حالت ۾ آڻڻ گھرجي. ضرورت آھي تھ ليجسليچر کي وڌيڪ طاقت ڏني وڃي، قومي اسيمبلي تڏھن طاقتور ٿيندي جڏھن ان جا ميمبر طاقتور ھوندا، انسٽيٽيوٽ پاور فل ناھي ھوندو ان جا ماڻھو طاقتور ھوندا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ جيڪڏھن اوھان کي ڌمڪائيندا رھندا تھ ڪيئن ڪم درست ڪري سگھندا! ڪيئن عوامي خدمت ڪري سگھندا! ھن فورم ذريعي منھنجو عرض آھي تھ پاڪستان جي آئين کي 50 سال مڪمل ٿيا آھن ھاڻ 73 واري آئين کي اصل صورت ۾ آڻڻ گھرجي.










