لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن رمارڪس ڏنا ته توهين عدالت اهڙي نه ٿي ٿئي، عدالت تي دٻاءُ نه وجهو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار جي وڪيل اظهر صديق اليڪشن ڪميشن جو پريس رليز عدالت ۾ جمع ڪرايو.جسٽس جواد حسن درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ڪهڙي جلدي آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت شيڊيول جلد جاري ڪرڻ جو چيو هو. وفاقي حڪومت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي گورنر سان صلاح ڪرڻ لاءِ چيو هو، اڃا تائين اپيل داخل ناهي ڪئي وئي، ميڊيا رپورٽن موجب اليڪشن ڪميشن پنهنجو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته تعبير لفظ استعمال ڪرڻ جو مطلب فيصلي تي عمل نه ڪرڻ آهي.جسٽس جواد حسن رمارڪس ڏيندي چيو ته توهين عدالت اهڙي نه ٿي ٿئي، مون فيصلو ڏنو آهي، مذاق نه ڪريو، هاڻي انتظار ڪريو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته هو عوام کي ڇو گمراهه ڪري رهيا آهن.جسٽس جواد حسن درخواستگذار جي وڪيل اظهر صديق کي هدايت ڪندي چيو ته عدالت تي دٻاءُ نه وڌو، جيڪڏهن هاڻي وڌيڪ دٻاءُ وڌو ته ڏنڊ وجهندس.وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اڄ 11 وڳي اليڪشن ڪميشن جو اجلاس آهي.عدالت اليڪشن ڪميشن کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










