اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)هشتگردي ٽوڙ عدالت سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سوشل ميڊيا تي گستاخي واري مواد جي ڪيس جو فيصلو جج راجه جواد عباس جوابدارن جي موجودگي ۾ ٻڌايو، عدالت 15 ڊسمبر 2020 ۾ فيصلو محفوظ ڪيو هو.عدالت سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن ناصر احمد سلطان، رانا نعمان ۽ عبدالوحيد کي موت جي سزا ٻڌائي جڏهن ته هڪ جوابدار پروفيسر انوار احمد کي مذهب جي توهين تي 10 سال قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ هنيو آهي، چئن اشتهاري جوابدارن جا دائمي گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪيا ويا.










