توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اسد عمر جو جواب جمع

توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اسد عمر جو جواب جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.اسلام آباد ۾ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي شوڪاز نوٽيس تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اسان جي تڪ ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، مان ۽ فواد چوڌري ٻئي چونڊ وڙهي رهيا آهيون، مناسب هوندو ته چونڊن کانپوءِ تاريخ ڏني وڃي، ايندڙ ٻڌڻي تي اعتراضن تي دليل ڏيندس.وڪيل فيصل چوڌري وڌيڪ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي ڪوشش ڪندس، چونڊ مهم لاءِ وقت گهٽ آهي. اليڪشن ڪميشن وڌيڪ ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو