اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي.ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور جي موڪل سبب ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سعد حسن ۽ عمران خان جو وڪيل گوهر علي خان عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت توشا خاني ڪيس جي ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










