اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران نئون موڙ اچي ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج همايون دلاور پي ٽي آءِ جي وڪيلن خلاف درخواست داخل ڪئي.جج همايون دلاور هاءِ ڪورٽ کان انصاف جي درخواست ڪئي آهي.جج همايون دلاور عدالتي ڪمري ۾ ساڻس منسوب فيس بڪ پوسٽ ڏيکارڻ بعد جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي خط به لکيو.ٻڌڻي دوران جج همايون دلاور چيو ته فيس بڪ پوسٽن جا دستاويز سڀني جي سامهون ويڙهيا ويا.سندس چوڻ آهي ته ڪو به ڪنهن لاءِ جج نٿو ٿي سگهي، مون کي به انصاف گهرجي.










