اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي توانائي شعبي جو گردشي قرض 5,206 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، جنهن مان گئس شعبي جو حصو 3,442 ارب رپيا آهي ۽ بجلي شعبي جو گردشي قرض 1,764 ارب رپيا آهي.آءِ ايم ايف پنهنجي تازي رپورٽ ۾ پاڪستان جي توانائي شعبي جي گردشي قرض جي تفصيل جاري ڪئي آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب، بجلي ۽ گئس سميت توانائي شعبي جو گردشي قرض 2026 جي شروعات تائين 5,206 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.پاڪستان جو توانائي شعبو مالي دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت ٽيرف کي سڌارڻ ۽ سبسڊي سسٽم کي معقول بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.وفاقي حڪومت باقاعده ٽيرف ايڊجسٽمينٽ، غير ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي مرحليوار خاتمي ۽ بجلي شعبي ۾ جمع ٿيل قرض کي آءِ ايم ايف پروگرام تحت سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي ذميوارين ۾ تبديل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، جڏهن ته اصل قرض جي ادائيگي لاءِ بجلي جي صارفين تي اضافي سرچارج لاڳو ڪرڻ جهڙا قدم پڻ شامل آهن.










