توانائي بحران! پيٽرول سبسڊي لاءِ ايپ تيار

توانائي بحران! پيٽرول سبسڊي لاءِ ايپ تيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت توانائي بحران دوران گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت جي هدايتن تي، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) وزارت پيٽرول سبسڊي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ايپ تيار ڪئي آهي، جيڪا هن وقت آزمائشي مرحلي ۾ آهي. ذريعن موجب، ٻن ۽ ٽن ڦيٿين وارين گاڏين کي سبسڊي ڏني ويندي، پر عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ ٻين صارفين تائين پهچائي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 800 سي سي تائين جي گاڏين لاءِ سبسڊي جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي، ٻن ۽ ٽن ڦيٿين وارن گاڏين لاءِ پيٽرول ڪوٽا مختص ڪيو ويندو، ۽ موٽر سائيڪلن لاءِ هر مهيني 20 ليٽر تائين پيٽرول ڪوٽا تجويز ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، ملڪ جي 12 هزار پيٽرول پمپن تي سبسڊي لاءِ نوزل مختص ڪيا ويندا، هر پيٽرول پمپ تي 2 موبائل فون فراهم ڪيا ويندا، ۽ هر پيٽرول پمپ تي موبائل فون ايپ ذريعي پيٽرول ورهايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو